جماعت اسلامي

جماعت اسلامي

جماعت اسلامي

جماعت اسلامي: هيءَ مذهبي ۽ سياسي پارٽي آهي . جماعت اسلامي جو بنياد 26 آگسٽ 1941ع تي اسلاميه پارڪ لاهور ۾ جماعت جي باني سيد ابو الاعليٰ مودوديءَ جي رهائشگاهه تي عمل ۾ آيو . جماعت اسلامي جو پاڪستان جي قيام جي لاءِ جدا رويو هو . هڪ پاسي هيءَ جماعت پنهنجي لٽريچر جي ذريعي ٻه قومي نظرئي جو پرچار ڪري رهي هئي ۽ ٻئي پاسي پاڪستان جي لاءِ هلندڙ تحريڪ کان الڳ رهي . 1946ع جي چونڊن ۾ ، جنهن جي ڪاميابي تي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جو دارومدار هو ، جماعت اسلاميءَ حصو نه ورتو ۽ مسلم ليگ يا پاڪستان جي حق ۾ راءِ ڏيڻ کان ڪناره ڪشي ڪئي ۽ جڏهن پاڪستان جو قيام ٿيو ته هن جماعت اهو موقف اختيار ڪيو ته جيئن ته مسلم ليگ 1946ع جي چونڊن ۾ ” پاڪستان جو مطلب ڇا: لا اِلــٰھَ اِلالله “ جي نعري تي ڪاميابي ماڻي آهي ، ان ڪري هاڻي پاڪستان کي هڪ مڪمل اسلامي رياست بڻـائڻ نه صرف حڪمرانن جي ، پر هن جماعت جي به ذميواري آهي . هيءَ جماعت مغربيت ، سرمائيداري ، اشتراڪيت ، سيڪيولرزم وغيره جي مخالف رهي آهي .


جماعت اسلامي چونڊن ۾ ڪاميابيءَ جي حوالي سان پاڪستان جي ڪا وڏي پارٽي نه آهي ، پر جنرل ( ر ) پرويز مشرف جي صدر ٿيڻ کان پوءِ جيڪو بلدياتي نظام لاڳو ٿيو ، ان ۾ ڪراچيءَ جو سِٽي ناظم ، جماعت اسلاميءَ جو مولانا نعمت الله چونڊيل هو . ماضي قريب ۾ هن جماعت جو مرڪزي امير ملڪي سماج تي اهم سياسي اڳواڻ جي حيثيت رکندڙ قاضي حسين هو ۽ هينئر هن جماعت جو امير سيد منور حسين آهي .


مشرف دؤر ۾ متحده مجلس عمل ( ايم . ايم . اي ) ٺهڻ کان پوءِ ٻين ديني پارٽين سان گڏ جماعت اسلامي به وڌيڪ منظر تي رهي .


جماعت اسلاميءَ ۾ عورتن جي شاخ به قائم ڪيل آهي . جماعت طرفان اشاعت جو ڪم به جاري آهي ، ان سلسلي ۾ اسلام ۽ اخلاقيات تي ڪتابن ۽ ڪئسيٽن جون نمائشون به منعقد ڪيون وڃن ٿيون .






لفظ جماعت اسلاميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.08.26  عيسوي

جماعت اسلامي: هيءَ مذهبي ۽ سياسي پارٽي آهي . جماعت اسلامي جو بنياد 26 آگسٽ 1941ع تي اسلاميه پارڪ لاهور ۾ جماعت جي باني سيد ابو الاعليٰ مودوديءَ جي رهائشگاهه تي عمل ۾ آيو



سياسي پارٽيون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آل پارٽيز حريت ڪانفرنس
انڊين نيشنل ڪانگريس
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل
پاڪستان مسلم ليگ
پاڪستان جمهوري پارٽي
آل انڊيا ڪانگريس
پاڪستان مسلم ليگ ق
پاڪستان پيپلز پارٽي
پاڪستان تحريڪِ انصاف
پاڪستان مسلم ليگ ن
سياسي پارٽيون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون